البلاغ المبين 1

البلاغ المبين (رسالو): هيءُ ماهوار سنڌي مذهبي رسالو مولانا مفتي محمد صاحبداد ناصح جماليءَ جي ادارت هيٺ 1926ع کان گرونانڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ رسالو 180 صفحن تي مشتمل هوندو هو، جنهن ۾ مذهبي ۽ تاريخي مضمونن کان سواءِ فتوائون به شايع ڪيون وينديون هيون، هيءُ رسالو ڪجهه عرصو هلي بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو